مولانا ظفر علي خان

مولانا ظفر علي خان

ظفر علي خان مولانا

ظفر علي خان، مولانا: ناليواري سياسي اڳواڻ، صحافي، شاعر، ليکڪ ۽ ترجما نگار مولانا ظفر علي خان 17 جنوري 1873ع تي سيالڪوٽ ۾ مولوي سراج الدين احمد جي گهر ۾ جنم ورتو. مولانا ظفر علي خان شروعاتي تعليم وزير آباد مان حاصل ڪرڻ بعد پٽيالا مان انٽر پاس ڪئي. جڏهن ته گريجوئيشن ۽ ايم. اي علي ڳڙهه مان ڪيائين. ظفر علي خان عملي زندگيءَ جي شروعات 1892ع ۾ ٽپال کاتي ۾ ملازمت سان ڪئي. علي ڳڙهه جي علمي ۽ ادبي ماحول هن جي فڪري سوچ ۽ عمل ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ هن لکڻ جي شروعات علي ڳڙهه کان ڪئي. 1894ع ۾ مولانا ظفر علي خان بمبئي هليو ويو، جتي نواب محسن الملڪ جو سيڪريٽري طور ملازمت دوران ڊاڪٽر وليم ڊريپر جي ڪتاب جو ’معرڪه مذهب و سائنس‘ جي نالي سان ترجمو ڪيائين. ان کان پوءِ حيدرآباد دکن ۾ پرڏيهي کاتي ۾ بطور ترجما نگار ملازمت اختيار ڪيائين. جتي ترقي ڪندي نائب هوم سيڪريٽري جي عهدي تي فائز ٿيو. آڪٽوبر 1909ع ۾ هي پنهنجي وطن وريو جتي پنهنجي والد جي هفتيوار اخبار زميندار سان منسلڪ ٿيو. والد جي وفات کانپوءِ اخبار جون سڀئي ذميداريون پاڻ سنڀالي ورتائين. ان سان گڏوگڏ ماهوار ’پنجاب ريويو‘ نالي رسالو جاري ڪيائين. 1911ع ۾ هي لاهور لڏي ويو. جتي صحافت سان گڏ ۽ سياسي زندگي جو آغاز ڪيائين. 1915ع ۾ سندس اخبار ’زميندار‘ تي پابندي مڙهي وئي ته هن وري ’لمحات‘ نالي اخبار جاري ڪئي. ان کان علاوه ’ستاره صبح‘ نالي اخبار شايع ڪيائين. ان تي پابندي پوڻ کان پوءِ ’آفتاب‘ نالي سان اخبار جاري ڪيائين پر ان تي به پابندي وڌي وئي. ڊسمبر 1919ع ۾ سندس پراڻي اخبار ’زميندار‘ تان پابندي هٽائي وئي. 1920ع کان ان اخبار جو ٻيون دؤر شروع ٿيو جيڪو ورهاڱي کانپوءِ به هلندو رهيو. سندس ٻين مشهور ڪتابن ۾ ’بهارستان‘ (شعري ترجمو)، ’نگارستان‘ (نثري مجموعو) ۽ ’چمنستان‘ (شعري مجموعو) کان علاوه ”لطائف الادب‘، ’حقائق و معارف‘ ۽ ’جواهر الادب‘ مقالن تي مشتمل ڪتاب ڇپيل آهن. ان کان سواءِ ’شور محشر‘ جمال الدين افعاني ۽ ’ملت بيضا پر ايڪ نظر‘ قابل ذڪر آهن. 1912ع کان آخر تائين هند جي مسلمانن لاءِ خاص ڪري پنجاب ۾ رهندڙ مسلمانن ۾ انقلاب جو فڪر پيدا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيائين. مارچ 1940ع جي تاريخي اجلاس ۾ نه رڳو قرارداد پاڪستان جي حمايت ڪيائين پر اُتي جو اُتي ان جو اردو ۾ ترجمو ڪري جلسي ۾ پڙهائين. ورهاڱي بعد سندس سياسي سرگرمين ۾ ماٺار اچي وئي ۽ هن سمورو وقت صحافت لاءِ وقف ڪري ڇڏيو. سندس اخبار ’زميندار‘ جي پليٽ فارم تان تمام وڏا صحافي نروار ٿيا، جن ۾ مولانا چراغ حسن حسرت، حاجي لق لق، مولانا عبدالمجيد سالڪ، آغا شورش ڪاشميري ۽ مولانا غلام رسول مهر جا نالا سرفهرست آهن. مولانا ظفر علي خان 27 نومبر 1956ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1873.01.17  عيسوي

مولانا ظفر علي خان 17 جنوري 1873ع تي سيالڪوٽ ۾ مولوي سراج الدين احمد جي گهر ۾ جنم ورتو.


1956.11.27  عيسوي

مولانا ظفر علي خان 27 نومبر 1956ع تي وفات ڪئي.



صحافي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

رڪ سنڌي
اخترعلي
خاصخيلي جان
جمال الدين لانگاهه
امين ارباب
اسلم چنا
طارق قريشي
اشرف جروار
خواجه محمد شريف طوسي
درس عبدالغني
صحافي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون